حق خود اراديت جي تحريڪ لاءِ ڪشميرين جي جدوجهد کي سلام پيش ڪريون ٿا: آرمي چيف

راولپنڊي: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته حق خود اراديت جي تحريڪ لاءِ ڪشميرين جي جدوجهد کي سلام پيش ڪريون ٿا،.آرمي چيف جي حوالي سان ڊي جي آءِ ايس پي آر ٽوئيٽ ڪندي ڄاڻايو آهي ته وقت اچي ويو آهي ته ڪشمير جي مسئلي کي حل ڪري ان انساني المئي کي ختم ڪيو وڃي.آرمي چيف چيو ته ڪشمير جي مسئلي کي ڪشميرين جي خواهشن ۽ گڏيل قومن جي ٺهراءَ مطابق حل ڪيو وڃي.هن چيو ته ڪشميري عوام قابض ڀارتي فورسز جي لاڪ ڊائون کي منهن ڏئي رهي آهي.جنرل قمر جاويد باجوهه چيو ته ڪشميري عوام ڀارتي ظلمن جو عزم ۽ همٿ سان مقابلو ڪري رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔