وڏڙن جنهن پاڪستان جو خواب ڏٺو هو، اُهو ڪشمير کانسواءِ اڻپورو آهي: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي: اسان جي وڏڙن جنهن پاڪستان جو خواب ڏٺو هو، اُهو پاڪستان، ڪشمير کانسواءِ اڻپورو آهي، ڪشمير ننڍي کنڊ جَي ورهاڱي جِي اڻپوري ايجنڊا آهي، پ پ چيئرمين طرفان ڪشميري ڀائرن سان ٻڌي جي اظهار واري ڏهاڙي تي بيان جاري، بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سڄي پاڪستان جو عوام ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ آهي، پيپلز پارٽي هر فورم تي ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي مدد جاري رکندي، عالمي برادري ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙي روڪڻ لاءِ گجرات جي ڪاسائي ۽ سندس قابض فورسز کي لغام ڏئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔