سپريم ڪورٽ ٻارڙي سان زيادتي ڪيس ۾ جوابدار کي موت جي سزا برقرار رکي ڇڏي

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ 8 سالن جي ٻارڙيءَ سان زيادتي جي ڏوهاري علي حيدر عرف پپو جي موت جي سزا خلاف اپيل رد ڪندي فيصلو برقرار رکيو آهي.9 صفحن تي ٻڌل فيصلو جسٽس سيدمنصور علي شاهه لکيو آهي، عدالت پنهنجي فيصلي ۾ ڄاڻايو آهي ته زيادتي ۽ قتل ۾ صرف ڊي اين اي رپورٽ کي ثبوت طور قبول ڪري سگهجي ٿو.سپريم ڪورٽ حڪم ۾ ڄاڻايو آهي ته ڪيميائي معائني بابت حڪومت فوجداري قانون جي سيڪشن 510 ۾ ترميم ڪري .عدالت حڪم ڏنو ته قانون ۾ ترميم لاءِ فيصلي جي ڪاپي قانون ۽ پارلياماني معاملن جي وزارتن کي ڏني وڃي.عدالت حڪم ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته حڪومت هر سرڪاري فرانزڪ رپورٽ کي قبول ڪرڻ جو عمل روڪي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔