ڪراچي ۾ نيڪٽا پاران دهشتگردي جي وڏي حملي جو خدشو ظاهر،ريڊ الرٽ جاري

ڪراچي : ڪراچي ۾ نيڪٽا پاران دهشتگردي جي وڏي حملي جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان حساس ادارن کي ريڊ الرٽ پڻ جاري ڪيو ويو آهي. سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته دهشتگرد ايندڙ ڏينهن ۾ سرڪاري عمارتن تي حملي جو وڏو منصوبو جوڙي رهيا آهن، ڪراچي جي ويجهي علائقي ۾ بارود سان ڀريل گاڏي تيار ڪئي وئي آهي. سيڪيورٽي ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته دهشتگرد آپگهاتي حملي سميت بارود سان گاڏيم يا رڪشي جي مدد سان حملي جي منصوبه بندي ڪري رهيا آهن. نيڪٽا پاران ريڊ الرٽ جاري ڪندي چيو ويو آهي ته پوليس، رينجز ۽ لاڳاپيل ادارا سيڪيورٽي کي يقيني بڻائين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔