چين کان ڪورونا ويڪسين گهرائڻ چاهيون ٿا پر وفاق رنڊڪ بڻيل آهي: مراد علي شاهه

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته چين کان سڌو سنئون ڪورونا ويڪسين گهرائڻ چاهيون ٿا پر وفاق ان ۾ رنڊڪ بڻيل آهي.

رپورٽ موجب ڪراچي ۾ طبي عملي کي ويڪسين لڳائي ويڪسينيشن جي پهرين مرحلي جي شروعات ڪئي وئي آهي. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته مشڪل حالتن ۾ ساٿ ڏيڻ تي چيني حڪومت جا ٿورائتا آهيون. چين اسان کي ڪروونا ويڪسين  جون 5 لک خوراڪون ڏنيون. حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ ڪورونا ويڪسين سينٽر ٺاهيا آهن.

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي، حيدرآباد، بينظير آباد ۾ سڀني کان وڌيڪ ڪيسز آهن. 83 هزار ويڪسين وفاق پاران سنڌ جي حوالي ڪئي وئي آهي. اسان چاهيون ٿا ته سڌو سنئون چائنا کان ويڪسين گهرايون پر اسان کي وفاق طرفان رنڊڪون آهن. وفاقي حڪومت جي حڪمت عملي سمجهه ۾ نه پئي اچي. ڊاڪٽرز ۽ هيلٿ ڪيئر اسٽاف جي 1166 تي رجسٽريشن جو عمل مناسب نه آهي. 62 کان 63 هزار خوراڪون ڪراچي جي لاءِ ڏنيون ويون آهن. خبر ناهي ويڪسين ڪهڙي طريقي سان ورهائي وئي آهي. ويڪسينيشن جي عمل ۾ شفافيت کي يقيني بنايو وڃي.

مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ڪورونا جي حوالي سان شروع کان ئي سخت قدم کنيا آهن جنهن کي جاري رکنداسين. ايس او پيز تي عمل ڪيو وڃي. هن مرض جو ٿيڻ يا نه ٿيڻ اوهان جي هٿ ۾ آهي. جيئن جيئن ويڪسين ايندي مرحليوار ويڪسينيشن ٿيندي. مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته ويڪسين جي عمل ۾ پاڪستان جو نمبر 80 آهي. اسان کان اڳ 79 ملڪن ويڪسين جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي.

چين کان علاوه ڪوبه ملڪ پاڪستان جي مدد لاءِ اڳيان ناهي وڌيو. سموري دنيا ۾ ويڪسين جي معاملي ۾ حڪومتون تمام گهڻو فعال ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. بدقسمتي سان پاڪستان حڪومت هن عمل ۾ پنهنجو ڪردار ادا ناهي ڪري سگهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔