ڪورونا وائرس ملڪ ۾ وڌيڪ 56 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون

اسلام آباد: ملڪ ۾ ڪورونا وائرس هڪ ڏينهن دوران 56 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون آهن جڏهن ته هڪ هزار کان وڌيڪ هاڪاري ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽرز طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 35 هزار 460 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن کان پوءِ گڏيل ڪورونا 19 ٽيسٽن جو انگ 80 لک 41 هزار 254 ٿي ويو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ وڌيڪ هڪ هزار 384 هاڪاري ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. اهڙي طرح پاڪستان ۾ ڪورونا جي گڏيل مريضن جو انگ 5 لک 49 هزار 032 ٿي ويو آهي.

سرڪاري انگن اکرن موجب هنيئر تائين سنڌ ۾ 2 لک 48 هزار 270، پنجاب ۾ هڪ لک 50 هزار 793، خيبرپختونخواهه ۾ 67 هزار 589، اسلام آباد ۾ 41 هزار 561، بلوچستان ۾ 18 هزار 836، آزاد ڪشمير ۾ 9 هزار 073 ۽ گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 910 مريضن ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ ٿي آهي.

سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت ملڪ ۾ ڪورونا جي فعال مريضن جو انگ 33 هزار 184 آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 56 مريض فوت ٿي ويا آهن. جنهن کان پوءِ هاڻ هن وبا سبب فوت ٿي ويل مريضن جو گڏيل طور تي انگ 11 هزار 802 ٿي ويو آهي.

اين سي او سي موجب ڪورونا وگهي هڪ ڏينهن ۾ هڪ هزار 509 مريض صحتياب ٿيا جنهن کان پوءِ صحتياب ٿيندڙ مريضن جو انگ 5 لک 4 هزار 46 ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔