اسلام آباد هاءِ ڪورٽ خواجه آصف خلاف نوٽيس جاري ڪرڻ کان معذرت ڪري ڇڏي

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ خواجه آصف جا پروڊڪشن آرڊرز جاري ڪرڻ جي لاءِ نوٽيس جاري ڪرڻ کان معذرت ڪندي ان حوالي سان قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سان رابطو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ليگي اڳواڻ خواجه آصف جا پروڊڪشن آرڊرز جاري ڪرڻ جي لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي. درخواست گذار چيئرمين پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي رانا تنوير حسين طرفان وڪيل بيرسٽر محسن شاهه نواز رانجها عدالت جي سامهون پيش ٿيو ۽ ٻڌايو ته مان پهرين فيبروري کان خواجه آصف جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ جو لکيو پر اڃان تائين جاري  ناهن ڪيا ويا.

چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ ريمارڪس ڏنا ته جمهوريت ۾ ڪٿي ائين ٿيندو آهي ته سياسي نوعيت جا معاملا عدالتن ۾ اچن. اسان  پنهنجن فيصلن ۾ لکيو آهي ته هي عدالت اهڙن سياسي معاملن ۾ مداخلت نٿي ڪري. اسان جي فيصلي جي ڪاپي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي آڏو پيش  پيش ڪريو هي عدالت قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي هدايتون جاري نٿي ڪري سگهي. اهو ليڊرشپ جو ڪم آهي ته هو ايڏي وڏي قائمه ڪميٽي جهڙي باڊي کي عزت ڏئي. جڏهن عدالت اسيمبلي ۽ باڊي کي ايتري عزت ڏئي رهي آهي ته سڀني کي ڏيڻ گهرجي اهو احترام قومي اسيمبلي جو تڏهن هوندو جڏهن عدالتون ان جي حوالي سان ڪنهن معاملي ۾ مداخلت نه ڪن.

ستر سالن ۾ اسان(نيشنل اسيمبلي) جهڙي هن اداري جو احترام ناهي ڪيو. جيڪڏهن اداري جو احترام ڪيو هجي ها ته اڄ اهڙي صورتحال نه هجي ها. اوهان سمورن فورمز کي استعمال ڪريو ان کان پوءِ هن ڪورٽ ۾ اچو ۽ اسان کي مطمئن ڪريو هن اسٽيج تي عدالت ڪوبه آرڊر جاري نه ڪندي. بيرسٽر محسن شاهه نواز چيو ته مان چيئرمين آهيان پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ منهنجو اختيار آهي پر منهنجي ڳالهه نٿي ٻڌي وڃي. پروڊڪشن آرڊر جاري ٿي چڪا آهن جنهن تي قومي اسيمبلي جو سيڪريٽري عمل ناهي ڪرائي رهيو. چار ڀيرا اسان لکيو آهي پر پروڊڪشن آرڊر جاري نه پيا ڪيا وڃن. جڏهن قومي اسيمبلي جو سيڪريٽري اسان جي ڳالهه نه پيو ٻڌي ته اسان ڪيڏانهن وڃون.

پهرين فيبروري تي چوٿون پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيو جنهن تي به عمل نه پيو ڪيو وڃي. جنهن کان پوءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پارليامينٽ جي معاملن ۾ مداخلت کان معذرت ڪندي خواجه آصف جا پروڊڪشن آرڊر  جاري ڪرڻ جي لاءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سان رابطو ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 23 فيبروري  تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

عدالت هدايت ڪئي آهي ته درخواست کي التوا هيٺ رکي رهيا آهيون. اڃان ڪنهن کي به نوٽيس جاري ناهيون ڪري رهيا اوهان پهريان قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سان رابطو ڪريو ان سان گڏ ملي مسئلو حل ڪريو جيڪڏهن پوءِ به مسئلو حل نه ٿئي ته پوءِ عدالت سان رابطو ڪريو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔