ڪشماله طارق جي پٽ جي عبوري ضمانت منظور

اسلام آباد: اسلام آباد ۾ روڊ حادثي واري ڪيس ۾ ڪشماله طارق جي پٽ اذلان جي عبوري ضمانت منظور ڪئي وئي آهي.

ايڊيشنل سيشن جج سهيل احمد 50 هزار جي مچلڪن عيوض ڪشماله طارق جي پٽ اذلان جي ضمانت منظور ڪئي. اسلام آباد پوليس نامزد جوابدار ڪشماله طارق جي پٽ اذلان کي گرفتار به نه ڪري سگهي آهي.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن وفاقي گادي واري شهر سيڪٽر جي 11 ۾ وفاقي محتسب ڪشماله طارق جي مڙس ۽ پٽ جي گاڏي سگنل ٽوڙيندي 5 شهرين کي چيڀاٽي ڇڏيو هو. جن مان 4 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا. رپورٽ موجب گاڏي سگنل ٽوڙيندي ٻئي طرف کان ايندڙ مهراڻ ڪار ۽ هڪ موٽر سائيڪل کي ٽڪر هنيو جنهن جي نتيجي ۾ مانسهره کان اي اين ايف ۾ ڀرتي ٿيڻ جي لاءِ ٽيسٽ ڏيڻ لاءِ ايندي 4 دوست فوت ٿي ويا جڏهن ته 2 زخمي ٿي پيا.

پوليس ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو هو ۽ ڪيس ۾ ڪشماله طارق جي پٽ اذلان کي به نامزد ڪيو ويو هو. اسلام آباد پوليس جي ايس پي سرفراز ورڪ موجب ڊرائيور فياض کي حراست ڪري حادثي جو سبب بنجندڙ گاڏي سميت ٿاڻي منتقل ڪيو ويو هو. حادثي جو ڪيس رمنا پوليس اسٽيشن ۾ داخل ڪيو ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔