عدالت پارليامينٽ جي معاملن ۾ مداخلت نٿي ڪري سگهي، عدالتون اهڙن مامرن ۾ مداخلت نه ڪنديون ته ادارن جو احترام ٿيندو:اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد : عدالت پارليامينٽ جي معاملن ۾ مداخلت نٿي ڪري سگهي، عدالتون اهڙن مامرن ۾ مداخلت نه ڪنديون ته ادارن جو احترام ٿيندو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نواز ليگ ايم اين اي خواجه آصف جي پروڊڪشن آرڊر وارو مامرو پارليامينٽ ۾ حل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته پارليامينٽ ۾ مسئلو حل نه ٿيڻ بعد عدالت سان رابطو ڪيو وڃي، ڇا جمهوريت ۾ سياسي ماڻهو هاءِ ڪورٽ ايندا آهن؟ قومي اسيمبلي جو اسپيڪر فيصلو ڪري، اسيمبلي جو سيڪريٽري اسپيڪر جي حڪمن ڪيئن عمل نٿو ڪري؟ عدالت پارليامينٽ جو احترام ڪري ٿي ته سياسي ليڊر شپ احترام ڇو نه پئي ڪري، عدالت خواجه آصف جي پروڊڪشن آرڊرز تي عمل نه ٿيڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي 23 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔