سڄي ملڪ ۾ هيلٿ ورڪرز کي ڪورونا ويڪسين لڳائڻ جو عمل شروع ڪيو ويو

اسلام آباد : سڄي ملڪ ۾ هيلٿ ورڪرز کي ڪورونا ويڪسين لڳائڻ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي .

اسلام آباد ۾ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي ) ۾ هيلٿ ورڪرز کي ڪورونا ويڪسين ڏيڻ جي شروعات ڪئي وئي جتي مرڪزي تقريب ۾ چئني وڏن وزيرن ،وزيراعظم آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي وڏي وزيرن به وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي .

اين سي او سي ۾ هيلٿ ورڪرز کي ڪورونا ويڪسين ڏني وئي ۽ ان موقعي تي وفاقي وزير اسد عمر ، فواد چوڌري ، چيني سفير ۽ اين سي او سي جي عملدارن سميت طبي عملو موجود هو.

ان کان سواءِ ڪراچي ۾ سنڌ جي وڏي وزير اوجها اسپتال ۾ ويڪسينيشن جي شروعات ڪئي، جتي تقريب ۾ ڳالهائيندي صوبائي وزير صحت جو چوڻ هو ته ويڪسين لڳائڻ قومي فرض آهي پر ويڪسين لڳائڻ کانپوءِ به ماسڪ جو استعمال ضرور ڪيو وڃي .

ٻئي پاسي ڪي پي ڪي ۾وڏي وزير محمود خان ويڪسي نيشن جي عمل جو افتتاح ڪيو ۽ طبي عملي ۾ شيلڊ پڻ ورهايون .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔