ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل رپورٽ تي به وزير اعظم غلط بياني کان ڪم ورتو: مريم اورنگزيب

لاهور: ن ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته ملڪ تي مڙهيل حڪمران پاڻ ڪرپٽ آهن، سرڪاري خزاني مان پئسو کائيندڙ ڪير آهن؟ هر شعبي ۾ حڪومتي ڪرپشن جا داستان موجود آهن، ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل رپورٽ تي به وزير اعظم غلط بياني کان ڪم ورتو. لاهور جي احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته شهباز شريف پنجاب لاءِ ترقياتي ڪم ڪيا، شهباز شريف تي ڪرپشن جو ڪوبه ڪيس ثابت نه ٿيو آهي، موجودهه حڪومت پوري ملڪ کي ڪرپشن جي منڊي بڻائي ڇڏيو آهي. ن ليگ جي ترجمان چيو ته حڪومت جي احتساب واري ڦوڪڻي مان هوا نڪري وئي آهي.حڪومت اڍائي سالن دوران 11 هزار 500 ارب رپين جو قرض ورتو، ملڪي تاريخ ۾ ڪنهن به حڪومت ايترو قرض نه ورتو آهي. هن چيو ته وزيراعظم جن مسئلن جو نوٽيس وٺي ٿو، اهي غائب ٿي وڃن ٿا…

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔