ستن سالن کان نوان لاجز ٺهن پيا پر هينئر تائين ڪم مڪمل ناهي ٿي سگهيو: سليم مانڊوي والا

اسلام آباد: سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا چيو آهي ته ستن سالن کان نوان لاجز ٺهي رهيا ،پر هينئر تائين ڪم مڪمل ٿي نه سگهيو آهي. سينيٽ جي هائوس ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڊپٽي چيئرمين ڳالهائيندي چيو ته سي ڊي اي کي لاجز جي معاملي کان پري رکيو وڃي،پراڻو معاهدو ختم ٿي ويو، هاڻ لاجز جي حوالي سان نئون معاهدو ڪري رهيا آهيون. بريفنگ دوران عملدارن ڪميٽي کي ٻڌايو ته تعمير ٿيندڙ ڪمرن جي ماڊل ۾ پکا لائيٽ جي مٿان لڳايا پيا وڃن، جيڪي لائيٽ جي رستي ۾ رڪاوٽ آهن، ڊپٽي چيئرمين ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته سي ڊي اي اهڙي ڪمپني کي ٺيڪو ئي ڇو ڏنو آهي،ڇا سي ڊي اي جا انجنيئرز پنهنجو گهر اهڙو ٺاهيندا؟ هن ڊيزائن جي تبديلي جو پروپوزل گهرائي ورتو….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔