حليم عادل ننڍي هوندي اسڪول نه ويو، هاڻي دورا ڪري رهيو آهي: سعيد غني

ڪراچي: تعليم واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته حليم عادل شيخ دادو جي جنهن اسڪول جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، اهو تعمير هيٺ آهي ۽ اڃا تعليم کاتي حوالي نه ٿيو آهي، حليم عادل شيخ کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته جيڪي اسڪول فنڪشنل نه آهن، اهي سندن حمايتن جي دور ۾ تعمير ڪرايا ويا، هئا پر شايد کيس اها ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي ڇاڪاڻ ته حليم پاڻ اسڪول ويو ئي ناهي، امتحاني پيپرن جو وقت ٽن مان گهٽائي ٻه ڪلاڪ ڪيو ويو آهي، جيڪڏهن ڪرونا ڪيسز وڌيا ته تعليمي دارا ٻيهر بند ڪري سگهجن ٿا. سنڌ اسيمبلي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سعيد غني چيو ته تعليمي ادارن ۾ 50 سيڪڙو حاضري کي يقيني بڻايو وڃي، جيڪي والدين ٻارڙن کي اسڪول نه ٿا موڪلڻ چاهين ته نه ڀلي نه موڪلن. سعيد غني چيو ته، هيل امتحانن جي تاريخ تبديل ڪئي وئي آهي، جڏهن ته امتحاني پيپرز جو وقت به ٽن ڪلاڪن مان گهٽائي ٻه ڪلاڪ ڪيو ويو آهي. اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ پاران دادو جي هڪ اسڪول جي دوري بابت پڃيل سوال جي جواب ۾ سعيد غني چيو ته حليم عادل شيخ جنهن اسڪول جي ڳالهه ڪري رهيو آهي اهو اڃا اتعمير هيٺ آهي، تعمير ٿيندڙ اسڪول ٺيڪيدار وٽ هوندو آهي ، اسڪول اڃا تائين تعليم کاتي حوالي ناهي ٿيو. تعليم واري وزير چيو ته حليم عادل کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته جيڪي اسڪول واڙن ۾ تبديل ٿيل آهن اهي سندن حمايتن جي دور ۾ تعمير ڪرايا ويا، اجايا تعمير ڪرايل اسڪول ڳوٺن ۾ واڙا ۽ اوطاقون بڻيل آهن، جن کي هاڻي ختم ڪيو پيو وڃي…..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔