بي آر ٽي منصوبي جي جاچ نيب کان ڪرائڻ وارو پشاور هاءِ ڪورٽ جو حڪم ڪالعدم قرار

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ڪي پي حڪومت وڏو ريليف ڏيندي بي آر ٽي منصوبي جي جاچ نيب کان ڪرائڻ واري پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ بينچ کي ڪي پي حڪومت جي وڪيل ٻڌايو ته هاءِ ڪورٽ اڪلايل ڪيس ۾ جاچ جو حڪم ڏنو. سپريم ڪورٽ نيب جاچ جي حڪم خلاف صوبائي حڪومت جي اپيل منظور ڪري ورتي،عدالت ڄاڻايو ته بي آر ٽي پشاور جي جاچ نيب ۽ ايف آءِ اي ڪري نٿيون سگهن.هاءِ ڪورٽ جو فيصلو قياس آرائي تي ٻڌل آهي. سپريم ڪورٽ ، ايف آءِ اي کي به ايندڙ ٻڌڻي تائين بي آر ٽي جاچ روڪيندي صوبائي حڪومت ۽ پشاور ڊيولپمنٽ اٿارٽي جي اپيلن تي اسٽي آرڊر جاري ڪري ڇڏيو… سپريم ڪورٽ ڀارت ۾ 11 سنڌي هندن جي قتل واري معاملي جي ٻڌڻي ڪندي اٽارني جنرل ، فارين آفيس سميت سمورين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. متاثر خاندان جي وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي ته بي جي پي ۽ آر ايس ايس جي انتهاپسندن هندن کي قتل ڪيو. جسٽس عمر عطا بنديال پڇيو ته شري متي مکڻي ڪير آهي؟،ايم اين اي رميش ڪمار عدالت کي ٻڌايو ته هي متاثر خاندان آهي جي عورت آهي،جنهن جا ڀاتي قتل ٿيا. رميش ڪمار چيو ته حڪومت هاءِ ڪميشن ذريعي معاملو کنيو،پر ڀارتي حڪومت ڪوبه سهڪار نه ڪيو…

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔