وزير اعظم جي عوام سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه جو مقصد مسئلن جي نشاندهي ڪرڻ آهي: شبلي فراز

اسلام آباد: سڌ سماءَ جي وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته وزير اعظم جي عوام سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه جو مقصد انهن جي مسئلن جي نشاندهي ۽ امڪاني حل آهي. ٽوئيٽ ڪندي شبلي فراز چيو ته وزيراعظم عمران خان قوم کي پنهنجو ويزن پهچايو . وفاقي وزير چيو ته ٽيليفون ذريعي عوام کي سڌو سوال ڪرڻ ۽ حڪومت کي عوامي تجويزن مان فائدي وٺڻ جو موقعو ملندو. هن چيو ته وزير اعظم جو سڌو رابطو ئي جمهوريت جو جز آهي.. واضح رهي ته گذريل ڏينهن وزير اعظم عمران خان ٽيليفون ذريعي عوام سان سڌو رابطو ڪري پنهنجن مسئلن کان آگاهه ڪيو هو. وزير اعظم عوام سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ذريعي ڪيترن ئي اهم معاملن تي روشني وڌي…

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔