جنهن ملڪ ۾ انصاف نه هجي،اهو نظام هلي نٿو سگهي: شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد: اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پي ڊي ايم پنهنجي بيانئي تي قائم آهي ۽ رهندي،اتحاد جي بيانئي سان ئي ملڪ ۾ آئين جي بالادستي قائم ٿيندي،وزير اعظم گذريل ڏينهن ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه دوران قوم جو وقت ضايع ڪيو. اسلام آباد ۾ احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ن ليگ جي سينئر اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو ته ملڪ جو هر شهري مهانگائي ۽ بيروزگاري کان پريشان آهي، پر حڪومت کي ڪابه پرواهه ناهي. هن چيو ته ٽن سالن دوران احتساب عدالت ۾ پيش ٿيان پيو، حڪومت کي ڪجهه به نه مليو آهي. اڳوڻي وزير اعظم چيو ته جنهن ملڪ ۾ انصاف نه هجي،اهو نظام هلي نٿو سگهي….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔