اپوزيشن لٽيل پئسو واپس ڪري ته سڀاڻي ئي استعيفيٰ ڏيڻ لاءِ تيار آهيان: وزيراعظم

اسلام آباد: اپوزيشن لٽيل پئسو واپس ڪري ته سڀاڻي ئي استعيفيٰ ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، استعيفيٰ ڏيڻ لاءِ به جرئت ۽ ڪردار جي ضرورت هوندي آهي، وزيراعظم عمران خان وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب دوران چيو آهي ته 31 ڊسمبر کانپوءِ 31 جنوري به گذري وئي، اپوزيشن وارن نه لانگ مارچ ڪيو، نه استعيفيٰ ڏني ۽ نه ئي ماڻهن کي گڏ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا، اپوزيشن اڳواڻن ۾ استعيفيٰ ڏيڻ جي همت هجي ها ته اين آر او وٺي پرڏيهه فرار نه ٿين ها، اپوزيشن وارا هاڻي استعيفيٰ ڏيڻ بدران سينيٽ اليڪشن وڙهي رهيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔