اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه جو اهم اجلاس ٿيو، وفاقي ڪابينه جي اجلاس ۾ ميمبرن تاڙيون وڄائي وزيراعظم جو استقبال ڪيو، ڪابينه اجلاس ۾ سمورن ميمبرن کي مٺائي کارائي وئي. ذريعن چيو ته جمعي جي ڏينهن يوم تشڪر ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، قوم سان ڳالهين جي ڪاميابي لاءِ خصوصي دعائون گهرڻ جي به اپيل ڪئي وئي.
ذريعن ٻڌايو ته وزيراعظم فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي ڪوششن کي خراج تحسين به پيش ڪيو. فيلڊ مارشل عاصم منير جي لاءِ به ڪابينه ميمبرن ڊيسڪ وڄائي، ڪابينه ميمبرن وزيراعظم کي به مبارڪباد پيش ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جو وقار دنيا ۾ بلند ٿيو فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جون ڪوششون تعريف جوڳيون آهن.
شهباز شريف چيو ته الله پاڪستان جو وقار بلند ڪيو، جنگبندي جو پهريون مرحلو ڪاميابي سان مڪمل ٿيو، جمعي جي ڏينهن ڳالهين جو ٻيو مرحلو به ڪامياب ٿيندو.
هوڏانهن پنهنجي هڪ بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف اعلان ڪيو ته ايران ۽ آمريڪا پنهنجي اتحادين سان گڏجي لبنان سميت مختلف خطن ۾ فوري جنگبندي تي اتفاق ڪري ورتو آهي. وزيراعظم شهباز شريف موجب اها جنگبندي فوري طور تي لاڳو ٿي چڪي آهي جنهن کي خطي ۾ امن جي قيام لاءِ هڪ وڏي اڳڀرائي قرار ڏنو پيو وڃي. هن انهي فيصلي جي آجيان ڪندي ٻنهي ملڪن جي قيادت جو ٿورو ادا ڪيو ۽ چيو ته اهو قدم دانشمندي جي اهم نشاني آهي.
وزيراعظم اعلان ڪيو ته ايران ۽ آمريڪا جي وفدن کي جمعي 10 اپريل 2026 تي اسلام آباد ۾ گهرايو ويو آهي ته جيئن سمورن تڪراري جي حتمي حل جي لاءِ وڌيڪ ڳالهيون ڪري سگهجن. شهباز شريف چيو ته ٻنهي ڌرين بهترين حڪمت عملي جو مظاهرو ڪندي امن استحڪام کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪيو آهي، هن اميد ظاهر ڪئي ته اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ڳالهيون پائيدار امن کي حاصل ڪرڻ ۾ اهم سنگ ميل ثابت ٿينديون ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ اڳڀرائي سامهون ايندي.
تبصرے بند ہیں۔