اسلام آباد: مختلف سياسي اڳواڻن آمريڪا ايران جي جنگبندي ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار تي وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي.
پنجاب جي سينئر صوبائي وزير مريم اورنگزيب وزيراعظم شهباز شريف ۽ آرمي چيف عاصم منير جي قيادت جي تعريف ڪندي چيو ته انهي جي وقت تي سفارتي ڪوششن امڪاني وڏي تڪرار کي ختم ڪرائي خطي کي تباهي کان بچائي ورتو. هن چيو ته دانشمدانه حڪمت عملي سان ڳالهين جو رستو سڌو ٿيو ۽ عالمي سطح تي پاڪستان جو مثبت ڪردار نمايان ٿيو.
وفاقي وزير اويس لغاري به سوشل ميڊيا تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ٻنهي اڳواڻن آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جنگبندي کي يقيني بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. اها بهترين سفارتڪاري آهي انهي قدم کي نوبل امن انعام جي لاءِ مثالي ڪيس قرار ڏئي سگهجي ٿو.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ جنگبندي کي خوشي جوڳو قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جو امن جي لاءِ ڪردار فخر جوڳو آهي هن چيو ته پاڪستان دانشمندي، عزم ۽ امن جي لاءِ پڪي عهد سان گڏ اڳواڻي جو ڪردار ادا ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ ۽ تباهي جي بجاءِ ڳالهين جو رستو اختيار ڪرڻ جي فيصلي جي تعريف ڪندي تهران، واشنگٽن ۽ اسلام آباد جي قيادت جي مسلسل ڪوششن کي به خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته انهي جنگبندي جي بدولت ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي آئي ۽ سفارتڪاري کي هٿي ملي.
سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ جنگبندي کي امن طرف هڪ خوشي جوڳو قدم قرار ڏنو. هن سمورين ڌرين طرفان فوري جنگبندي جي ڪوششن جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته دنيا کي تباهي نه پر ڳالهين جي ضرورت آهي. شرجيل انعام ميمڻ سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته جنگ نه پر دانشمندي ئي مسئلن جو موثر حل پيش ڪري سگهي ٿي جنگبندي جي اڳڀرائي خطي ۾ دير تائين استحڪام ۽ خوشحالي جو سبب بڻجندي. هن اميد ظاهر ڪئي ته اهڙي قدم سان ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ايندي ۽ خطي ۾ امن، تعاون کي هٿي ملندي.
پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز به ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ جنگبندي ۾ ڪردار تي وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارش: عاصم منير کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته خطي ۾ امن جي لاءِ پاڪستان جون ڪوششون تاريخ جو حصو بڻجي چڪيون آهن ۽ دنيا کي وڏي تباهي کان بچائڻ ۾ پاڪستان جو ڪردار سنهري اکرن ۾ لکيو ويندو.
وفاقي وزير آءِ ٽي شزا فاطمه خواجه چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان امن ۽ علاقائي استحڪام جي لاءِ مثالي ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته اها ڪاميابي اعليٰ درجي جي دانشمندي ۽ تعميري سفارتڪاري جي عڪاسي آهي، عالمي سطح تي پاڪستان جي ساک کي مضبوط بنائي ٿي.
تبصرے بند ہیں۔