پاڪستاني سفارتڪاري جا سموري دنيا تي مثبت اثر: تيل جي قيمتن ۾ 19 سيڪڙو گهٽتائي

اسلام آباد: پاڪستان جي ڪاميابي سفارتڪاري جا سموري دنيا تي مثبت اثر سامهون اچي رهيا آهن. پاڪستاني ڪامياب سفارتڪاري سبب آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جنگبندي جي اعلانن کان پوءِ تيل جي قيمت ۾ 19 سيڪڙو گهتائي ٿي وئي آهي. انهي کان علاوه برينٽ ٻارڻ جي تيل جي قيمت به 90 ڊالر في بيرل تي اچي وئي آهي.

ٻئي طرف سموري دنيا جي اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ به تيزي جا رجحان نظر اچي رهيا آهن. وڏي ۽ ڊگهي جنگ جو خطرو في الحال ٽرڻ تي بزنس ڪميونٽي به سک جو ساهه کنيو آهي. ياد رهي ته ايران پاڪستان جي ٻن هفتن جي جنگبندي جي تجويز قبول ڪري ورتي آهي. ايران جي نئين سپريم ليڊر جنگبندي جي منظوري ڏني.

ايراني ميڊيا چيو ته ايران مخالف بينا بازي سان ٽرمپ کي ذلت، رسوائي کي منهن ڏيڻو پيو آهي جڏهن ته ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو ته ايران تي حملا رڪجي ويا ته ايران به حملا روڪي ڇڏيندو. ايراني فوج سان رابطي سان آبنائي هرمز مان ٻن هفتن تائين محفوظ ٽرانزٽ ممڪن آهي.

 

تبصرے بند ہیں۔