اسرائيلي حڪومت جو ٽرمپ جي ايران سان جنگبندي جي اعلان تي حيرت جو اظهار

تل ابيب:  اسرائيلي حڪومت آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان ايران سان جنگبندي واري اعلان تي حيرت جو اظهار ڪيو آهي.

عرب ميڊيا جي رپورٽن موجب ايران جي تهذيب تباهه ٿيڻ لاءِ ناچ گانن جي تياري ڪندڙن جا سمورا خواب ٽٽي ويا، اسرائيلي اهلڪار چيو ته اسان ٽرمپ جي فيصلي سان حيران هئاسين، اسان کي آخري لمحن ۾ اپ ڊيٽس  مليون سڀ ڪجهه پهريان کان ئي طئي ٿيل لڳي رهيو آهي.

اسرائيلي صحافي زيورو بنسٽين چيو ته اهو مڃڻ ضروري آهي ته ٻن هفتن جي جنگبندي کان پوءِ ڪابه جنگ ٻيهر شروع نه ٿيندي. هن چيو ته سموري دنيا ڏسي رهي آهي ۽ سچ ڄاڻي ٿي، دنيا جي سمورن ايف 35 تيل جي هڪ بيرل جي قيمت تي نه کٽي سگهندا. زيوروينسٽين جو وڌيڪ چوڻ هو ته ايران نالي تهذيب ٽرمپ کان 1500 سال اڳ موجود هئي ۽ انهي کان پوءِ به 1500 سال اڃان به وڌيڪ رهندي.

 

تبصرے بند ہیں۔