خليجي ملڪن جي يوڪريني سستي ڊرونز انٽرسيپٽرز ۾ دلچسپي

ٽوڪيو: خليجي ملڪ اٺائي هزار ڊالر ماليت واري يوڪريني ڊزائين ڪيل انٽرسيپٽر ڊرون حاصل ڪرڻ لاءِ سرگرم آهن. جيئن ايراني حملن کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ سستو طريقو اختيار ڪيو وڃي، جيڪي آمريڪي ٺاهيل ميزائلن جي ذخيرن کي گهٽائي رهيا آهن، هڪ جاپاني ڪمپني جيڪا هن ٽيڪنالاجي کي ٻاهرين ملڪن ۾ مارڪيٽ ڪري رهي آهي، رائٽرز کي ٻڌايو.
آمريڪا-اسرائيل ۽ ايران جي جنگ جي شروعات کان وٺي، تهران سستا ۽ وڏي پيماني تي تيار ڪيل ڊرونز جون لهرون موڪليون آهن، جن ۾ شاهِد قسم جا ڊرون به شامل آهن، جيڪي روس، يوڪرين ۾ استعمال ڪري رهيو آهي.
خليجي ملڪ ۽ آمريڪي فوج گهڻو ڪري انهن کي ڪِيرائڻ لاءِ مهانگا انٽرسيپٽر ميزائل استعمال ڪندا رهيا آهن، جنهن سان هوائي جنگ ۾ هڪ وڏي تبديلي ظاهر ٿئي ٿي، جتي وڏي تعداد ۾ استعمال ٿيندڙ سستا نظام آهستي آهستي جديد هوائي دفاعي ميزائلن جي ذخيرن کي ختم ڪري سگهن ٿا. ’ٽيرا ڊرون‘ ڪمپني جي چيف ايگزيڪيٽو تورو ٽوڪوشيگي چيو ته “هر ڪنهن حساب ڪتاب ڪرڻ شروع ڪيو آهي. اهو معاشي لحاظ کان بلڪل مناسب ناهي، ۽ ماڻهو هاڻي ان ڳالهه کي سمجهڻ لڳا آهن. هن وڌيڪ چيو ته جنگ شروع ٿيڻ کان پوءِ وچ اوڀر مان پڇا ڳاڇا ۾ واڌ ٿي آهي.
ٽيرا ڊرون جي هر انٽرسيپٽر ڊرون جي قيمت 4 لک ين ($2,526) آهي. مقابلي طور، زمين تان لانچ ٿيندڙ پيٽريئٽ انٽرسيپٽر ميزائلن جي قيمت لڳ ڀڳ $4 ملين ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته شاهِد ڊرون جي قيمت اندازاً صرف $20,000 ٿي سگهي ٿي.
وچ اوڀر جي تڪرار جي پهرين هفتي ۾، ايران 1,000 کان وڌيڪ ڊرون موڪليا، ۽ اندازو آهي ته ان وٽ هر مهيني لڳ ڀڳ 10,000 ڊرون ٺاهڻ جي صلاحيت آهي.
ٽوڪيو ۾ سعودي عرب ۽ يو اي اي جي سفارتخانن هن حوالي سان تبصرو ڪرڻ جي درخواستن جو فوري جواب نه ڏنو.
ٽيرا ڊرون، جيڪا ڪمرشل ڊرونز لاءِ سڃاتي وڃي ٿي، گذريل مهيني فوجي وڪري ۾ داخلا جو اعلان ڪيو، اميزنگ ڊرونزنالي يوڪريني اسٽارٽ اپ سان ڀائيواري ذريعي. هن Terra A1 نالي انٽرسيپٽر ڊرون ڊزائين ڪيو آهي، جيڪو ماسڪو طرفان يوڪرين تي ڪيل شاهِد حملن کي روڪڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي.
هن معاهدي تحت، جاپاني ڪمپني ٻاهرين ملڪن ۾ انٽرسيپٽر کي مارڪيٽ ڪندي ۽ گڏوگڏ سيڙپڪاري ۽ پيداوار بابت ڄاڻ مهيا ڪندي.
ٽيرا اي آءِ انٽرسيپٽر ڊرون اڃا تائين جنگي ميدان ۾ آزمائيو نه ويو آهي، ۽ توقع آهي ته ايندڙ مهينن ۾ آزمائش لاءِ يوڪرين جي فوج حوالي ڪيو ويندو، ٽوڪوشيگي چيو.
ٽيرا ڊرون اڳ ئي آرامڪوکي سروي ۽ جاچ لاءِ ڊرون فراهم ڪري ٿي، ۽ هو پنهنجي موجودگي کي استعمال ڪندي وچ اوڀر ۾ انٽرسيپٽر ڊرون جي پيداوار قائم ڪرڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿي.
“هي اهو ميدان آهي جتي جاپان جي پيداوار واري طاقت کي مڪمل طور استعمال ڪري سگهجي ٿو.”

تبصرے بند ہیں۔