تهران: ٻن هفتن جي جنگبندي جو اعلان ٿيندي ئي ايران ۾ ماڻهو روڊن تي نڪري آيا ۽ خوشي جو اظهار ڪيو ويو. جنگبندي جو اعلان ٿيندي ئي ايران ۾ ماڻهو خوشي وچان روڊن تي نڪري نعريبازي ڪئي، انهي دوران ماڻهن کي قومي جهنڊا کنيل هئا ۽ انهن پرجوش نعريبازي پڻ ڪئي.
روڊن تي نڪتل ماڻهن ۾ عورتون، ٻار، پوڙها جوان سڀ شامل رهيا ۽ مختلف شهرن ٺڪاڻن جي چوڌاري انساني زنجير به ٺاهي وئي. هوڏانهن ايراني موسيقار علي قمصري دماوند پاور پلانٽ جي ٻاهران ڌرڻو هنيو ۽ چيو ته حملا روڪڻ جي لاءِ موسيقي وڄائنداسين.
ٻئي طرف عراق جي راڄڌاني بغداد ۾ به جنگبندي تي جشن جو ماحول رهيو، ماڻهو رات دير تائين گهرن کان ٻاهر نڪري آيا، ايران تي مڙهيل جنگ روڪڻ جي آجيان ڪئي وئي. ياد رهي ته انهي کان اڳ ٽرمپ جي ڊيڊ لائن ويجهو ايندي ئي سموري ملڪ ۾ ايراني شهري روڊن تي نڪري آيا هئا ۽ اهي ايران جي حق ۾ ۽ اسرائيل آمريڪا خلاف نعريبازي ڪري رهيا هئا.
تبصرے بند ہیں۔