اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان آمريڪي سفير نيٽلي بيڪر جي ملاقات ٿي جنهن ۾ هن پاڪستان جي مضٻوط سفارتي ڪردار جي تعريف ڪئي.
ملاقات ۾ وچ اوڀر جي موجوده صورتحال تي به ڳالهيون ڪيون ويون جڏهن ته جنگبندي جي به آجيان ڪئي وئي. اسلام آباد ۾ ٿيل اعليٰ سطحي ڳالهين تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته انتظامن جي حوالي سان تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون.
محسن نقوي چيو ته آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس، اسٽيفونڪوف ۽ ڪرشنرر اسان جا خاص مهمان هوندا. سمورن پرڏيهي مهمانن کي هر حوالي سان فول پروف سيڪيورٽي فراهمي جو جامع پلان جوڙيو ويو آهي.
تبصرے بند ہیں۔