اسلام آباد ۾ ايران آمريڪا ڳالهيون: اهم روڊ بند، امتحان جزوي طور ملتوي

اسلام آباد:   وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ امن ڳالهين جي سلسلي ۾ پرڏيهي وفدن جي آمد کي نظر ۾ رکندي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن جنهن جي تحت ڪيترن ئي اهم روڊن کي مختلف وقتن ۾ بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ٽريفڪ پوليس جي ترجمان موجب 9 ۽ 10 اپريل تي شهر جي مختلف رستن تي ٽريفڪ جي روانگي متاثر رهندي پر شهرين جي سهولت لاءِ متبادل رستن جو به اعلان ڪيو ويو آهي. اختيارين موجب جي ٽي روڊ پشاور کان راولپنڊي ايندڙ مسافر ٽيڪسلا موٽر وي، چڪري، چڪ بيلي روڊ ۽ روات جو رستو اختيار ڪن. جڏهن ته لاهور کان پشاور ويندڙ ٽريفڪ کي به انهي متبادل رستن تي منتقل ڪيو ويندو.

اهڙي طرح مارگله روڊ جي سيڪٽر ايف 6 جي 5 جي 6 ۽ جي 7 کان راولپنڊي ويندڙن کي نائنٿ ايونيو استعمال ڪرڻ جي هدايت ڏني وئي آهي. جڏهن ته فيصل ايوينو کان زيرو پوائنٽ ڏانهن ويندڙ ٽريفڪ کي به نائنٿ ايوينو طرف موڙيو ويندو.

بهاره کهو کان راولپنڊي ويندڙ شهري رنگ روڊ، بني گاله ۽ ترلائي روڊ استعمال ڪندا، جڏهن ته راولپنڊي کان اسلام آباد ايندڙن کي صدر، مري روڊ جي ذريعي نائنٿ ايوينو اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

ٽريفڪ پوليس موجب زيرو پوائنٽ کان فيصل ايونيو تائين ڪورال چوڪ ايڪسپريس وي ٻنهي طرفن کان بند رهندو جڏهن ته ڪرنل شير خان روڊ کان فيض آباد ايندڙن کي نائنٿ ايونيو سگنل جي ذريعي اسٽيڊيم روڊ  استعمال ڪرڻ جو چيو ويو آهي.

هوڏانهن پشاور کان لاهور ويندڙ هيوي ٽريفڪ کي ٽرڪسلا موٽر وي ۽ ترنول ڦاٽڪ جي رستي فتح جنگ موٽر وي جي طرف موڙيو ويندو. جڏهن ته لاهور کان اسلام آباد ۽ راولپنڊي ايندڙ ڳري ٽريفڪ کي چڪ هيلي روڊ جي ذريعي چڪري موٽر وي جي طرف منتقل ڪيو ويندو.

ترجمان موجب 9 ۽ 10 اپريل تائين اسلام آباد ۾ هر قسم جي هيوي ٽريفڪ جي داخله مڪمل طور تي بند رهندي جڏهن ته ريڊ زون ۾ عام شهرين جي  اچ وڃ تي به مڪمل پابندي لاڳو هوندي. ٽريفڪ پوليس شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته اهي غير ضروري سفر کان پاسو ڪن ۽ جاري ڪيل متبادل رستن جو استعمال ڪري قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان تعاون ڪن.

ڪنٽرولر امتحانات موجب اسلام آباد جي ريڊ زون ۾ واقع ٽن امتحاني مرڪزن ۾ پيپرز نه ٿيندا جي 4/6 ۽ پرائم منسٽر اسٽاف ڪالوني جي 5 امتحاني مرڪزن تي امتحان ملتوي ڪيا ويا. فيڊرل بورڊ  موجب اهڙن امتحاني مرڪزن جي نئين تاريخن جو اعلان جلد ڪيو ويندو. ياد رهي ته فيڊرل بورڊ ٻين سمورن امتحاني مرڪزن تي امتحان شيڊول موجب وٺڻ جو اعلان ڪيو آهي.

 

تبصرے بند ہیں۔