سينيٽ چونڊن ۾ گهربل سيٽن کان وڌيڪ سيٽون کڻنداسين: فردوس عاشق اعواڻ

لاهور: پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار جي  اطلاعات بابت صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پي ڊي ايم وزيراعظم کي 31 جنوري تائين گهر موڪلڻ جي ڊيڊ لائن ڏني هئي، تاريخ آئي ۽ گذري به وئي.  اسان سينيٽ چونڊن ۾ گهربل سيٽن کان وڌيڪ سيٽون کڻنداسين.

پنجاب يونيورسٽي ۾ سوشل ورڪ واري شعبي جي اهتمام هيٺ عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته حڪومت جي پهرين ترجيح عوام جي خدمت آهي. احساس پروگرام جي تحت عوام کي سهوليت ڏئي رهيا آهيون. اسان جو اصل مقابلو غربت، بيروزگاري ۽ مهانگائي سان آهي. اسان کي ايمان، اتحاد ۽ تنظيم جي اصولن تي عمل ڪرڻو آهي.

هن چيو ته اسلام انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي مذمت ڪري ٿو. چارٽر آف هيومن رائيٽس قرآن پاڪ ۾ موجود آهي. حضرت محمد مصطفيٰ صه دنيا ۾ انساني حق متعارف ڪرايا. سوشل ورڪر مذهب، رنگ، نسل ناهي ڏسندو. ذاتي مفاد جي تحفظ جي بجاءِ قومي ڪاز تي سوچڻ گهرجي.

پڙهيل لکيل عورتن کي معاشي ترقي جي لاءِ اڳيان اچڻو پوندو. معاشي  طور تي آزاد نه هونداسين ته جسماني آزادي جي ڪابه معنيٰ ناهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔