ڪراچي ۾ ڊيري فارمرزائسوسيئيشن پاران سرڪاري اگهه نظرانداز، کير 20 رُپيا وڌيڪ مهانگو ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي : ڪراچي ۾ ڊيري فارمرز ائسوسيئيشن جي هڪ هٽي ختم نه ٿي، سرڪاري اگهن کي نظرانداز ڪندي کير 20 رُپيا وڌيڪ مهانگو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ، ڊيري فارمرز ائسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته کير جا نوان اگهه 11 فيبروري کان لاڳو هوندا، 20 رُپيا واڌ بعد شهر ۾ کير جو اگهه 140 رُپيا في ڪلو ٿي ويندو، ڪراچي ۾ کير جو سرڪاري اگهه 94 في ڪلو مقرر ٿيل، ڊيرا فارمرز ائسوسيئيشن جي هڪ هٽي آڏو انتظاميا ۽ حڪومتي ادارا بيوس بڻيل آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔