زمينن تان قبضا ختم ڪرائڻ بابت چيف سيڪريٽري سنڌ، آبپاشي واري وزير ۽ سيڪريٽري کي شوڪاز نوٽيس جاري

ڪراچي : سنڌ هاءِ ڪورٽ زمينن تان قبضا ختم ڪرائڻ بابت چيف سيڪريٽري سنڌ، آبپاشي واري وزير ۽ سيڪريٽري کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا آهن، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آبپاشي  کاتي جي زمينن تي قبضا ختم  ڪرائڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، اڳڀرائي رپورٽ جمع نه ڪرائڻ  تي عدالت پاران ڌرين کي  شوڪاز نوٽيسز جاري ڪيا ويا، صوبائي وزير سهيل انور سيال، چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ سيڪريٽري آبپاشي کي نوٽيسز جاري ڪيا ويا،  ايندڙ ٻڌڻي تي ڌريون جواب ڏين  ته انهن خلاف ڇو نه توهين عدالت  جي ڪارروائي هلائي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔