ڪراچي ۾ هڪ رات اندر فائرنگ جي ٻن ڌار واقعن ۾ ٻن عورتن سميت 6 ڄڻا قتل

ڪراچي : ڪراچي ۾ هڪ رات اندر فائرنگ جي ٻن ڌار واقعن ۾ ٻن عورتن سميت 6 ڄڻا قتل ٿي ويا،گارڊن ۾ هٿياربندن ڪار تي فائرنگ ڪري ناري سميت چئن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو، بوٽ بيسن ۾ ناري ۽ نوجوان مارجي ويا، گارڊن واري علائقي ۾ پوليس هيڊ ڪوارٽر ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ناري مسڪان ۽ نوجوان صدام حسين ٿڏي تي ئي  مارجي ويا جڏهن ته عامر خان ۽ ريحان زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، اسپتال ۾ زخمن جي سٽ نه سهندي پهريان عامر خان فوت ٿي ويو  ۽ بعد ۾ ريحان  به دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو، ٻڌايو پيو وڃي ته  واقعي کان ڪجهه دير پهريان مقتول ناري نوجوان سان گڏجي ٽڪ ٽاڪ ويڊيو ٺاهي شيئر ڪئي هئي. ٻئي طرف  بوٽ بيسن واري علائقي ۾ فائرنگ ۾ نوجوان عدنان ۽ ناري عيني مارجي ويا . قتل ٿيل ناري ۽ نوجوان جو ڪيس بوٽ بيسن ٿاڻي تي مقتول  عدنان جي والد جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي، پوليس موجب مقتول عدنان ۽ عيني موٽرسائيڪل تي وڃي رهيا هئا ته کين گوليون هڻي قتل ڪيو ويو. مقتول نوجوان  عدنان جي پيءُ جو چوڻ آهي ته سندس پٽ ڪنوارو هو، مقتول عورت سان سندن ڪوبه رشتو نه هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔