گوگل تي بيش ٽيگ جي ذريعي سرچنگ جي آزمائش

لنڊن: دنيا جي مشهور ترين سرچ انجڻ گوگل تي صافين جي آساني لاءِ هيش ٽيگ جي ذريعي وڌ کان وڌ مواد سرچ ڪرڻ جي فيچر جي آزمائش شروع ٿي وئي آهي.گوگل جي رپورٽ موجب سرچ انجڻ تي هاڻ بيش ٽيگ جي ذريعي سرچنگ جي فيچر کي شامل ڪرڻ جي آزمائش ڪئي پئي وڃي. رپورٽ موجب هن فيچر جي تحت صارفين گوگل تي وڌ کان وڌ مواد ڳولي سگهندا.هن نئين فيچر جي ذريعي اوهان کي سرچ ڪيل شين بابت بيش ٽيگ جو استعمال ڪرڻو هوندو جنهن کان پوءِ گوگل ان بيش ٽيگ بابت سموري مواد جي فراهمي يقيني بنائيندو.رپورٽ موجب گوگل طرفان هن فيچر کي سمورن صارفين جي لاءِ پيش ڪرڻ جي ڪنهن به تاريخ جو اعلان نه ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔