اپوزيشن پاران سينيٽ چونڊن بابت حڪومتي ترميم جي مخالفت جو فيصلو

اسلام آباد: مخالف ڌر جي پارٽين پ پ ، ن ليگ ۽ جي يو آءِ جي اڳواڻن رابطا ڪري سينيٽ چونڊن جي طريقئڪار ۾ تبديلي ڪرڻ بابت حڪومتي آئيني ترميم جي مخالفت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. گڏيل مخالف ڌر جو چوڻ آهي ته قومي اسيمبلي جي اجلاس کان اڳ آئيني ترميم بابت صلاح مشورا ڪيا ويندا.مخالف ڌر جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته آئيني ترميم کي ٻنهي ايوانن مان منظور ٿيڻ نه ڏينداسين.واضح رهي ته حڪومت سومر ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران سينيٽ جي چونڊ جي طريقئڪار ۾ تبديلي بابت آئيني ترميم پيش ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي،مخالف ڌر ڀرپور مخالفت جو فيصلو ڪيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔