پي ٽي آءِ حڪومت اچڻ سان زراعت شعبو يتيم ٿي ويو: احسن اقبال

اسلام آباد: ن ليگ جي اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي حڪومت اچڻ سان زراعت جو شعبو يتيم ٿي ويو آهي.مسلم ليگ ن هاري ونگ جي تقريب کي خطاب ڪندي احسن اقبال چيو ته ملڪي ترقي ۾ زراعت هميشه اهم ڪردار ادا ڪيو، اڄ هارين کي پنهنجي محنت جو صحيح معاوضو به نه ملي رهيو آهي.هن چيو ته پئداواري قيمت وڌڻ سان هاري ڪمزور کان ڪمزور ٿي رهيا آهن،اڄ ائين لڳي ٿو ته ملڪ ۾ ڪابه حڪومت ناهي.هن چيو ته اسان ڪال ڏني ته سموري ملڪ جا هاري اسان جي لانگ مارچ ۾ شريڪ هوندا.هن واضح ڪيو ته ن ليگ کي هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ جي ٻيهر اڏاوت جو ڪم شروع ڪرڻو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔