راولپنڊي: خيبر ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن ۾ 22 خارجي مارجي ويا.انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) موجب، آپريشن 21 اپريل تي ڪيو ويو، جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 22 خارجي مارجي ويا. آءِ ايس پي آر چيو ته گرفتاري جي خوف ۽ بزدلي جي ڪري، خارجين انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ هڪ معصوم 10 سالن جو ٻار شهيد ٿي ويو. آءِ ايس پي آر موجب، خوارج علائقي ۾ ڪيترين ئي دهشتگرد سرگرمين ۾ ملوث هئا ۽ انهن جي قبضي مان هٿيار ۽ گولا بارود به هٿ ڪيو ويو.آءِ ايس پي آر چيو ته علائقي ۾ موجود وڌيڪ خارجين کي ختم ڪرڻ لاءِ سرچ ۽ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي.
تبصرے بند ہیں۔