ويسٽ انڊيز ۾ ٿيندڙ گلوبل سپر ليگ جي شيڊول جو اعلان

لاهور : ويسٽ انڊيز ۾ ٿيندڙ گلوبل سپر ليگ جي شيڊول جو اعلان ڪيو ويو آهي.ٽورنامينٽ 23 جولاءِ کان 1 آگسٽ تائين گيانا ۾ کيڏيو ويندو. پاڪستان جي لاهور قلندرز سميت پنج ٽيمون ايونٽ ۾ حصو وٺنديون.آسٽريليا جي پرٿ اسڪارچرز، يو اي اي جي ڊيزرٽ وائپرز، آمريڪا جي سان فرانسسڪو يونيڪارنز ايونٽ ۾ حصو وٺي رهيون آهن. ڪيريبين پريميئر ليگ جي ٽيم گيانا ايميزون واريئرز پڻ ايونٽ ۾ حصو وٺي رهي آهي.لاهور قلندرز 23 جولاءِ تي پرٿ اسڪارچرز، 24 جولاءِ تي ڊيزرٽ وائپرز، 26 جولاءِ تي گيانا ۽ 29 جولاءِ تي سان فرانسسڪو سان کيڏندي.ٽيبل ۾ پهرين نمبر تي ايندڙ ٽيم سڌو سنئون فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪندي، جڏهن ته ٻئي ۽ ٽئين نمبر تي ايندڙ ٽيمون 31 جولاءِ تي ڪواليفائر کيڏنديون.ايونٽ جو فائنل 1 آگسٽ تي کيڏيو ويندو.

تبصرے بند ہیں۔