هاڻ کوکر ۽ جاتي امراءَ پيلس نه غريبن جا گهر تيار ڪيا ويندا: شهباز گل

لاهور: شهباز گل چيو آهي ته هاڻ کوکر، جاتي امرا پيلس نه پر غريبن جا گهر تيار ڪيا ويندا، سمورا چور گڏ ٿي چڪا آهن، هي ايندڙ ٽن سالن تائين رڙيون ڪندا رهندا. عمران خان چئي آيو هو ته هنن سان هٿ نه ملائينداسين.

رپورٽ موجب وزيراعظم جي صلاحڪار شهباز گل صحافين سان ڳالهيون ڪندي وڌيڪ چيو ته اڳ حڪومتن ۾ اچڻ لاءِ اگهه طئي ڪيا ويندا هئا. وزيراعظم اگهه طئي ڪري اڳيان ايندڙن جي خلاف آهي. عمران خان اهو پهريون اڳواڻ آهي جيڪو سمجهوتو ناهي ڪندو. اسان جي 60 ڏينهن جي زندگي گدڙ جي 100 ساله زندگي کان بهتر آهي.

مريم نواز چيو ته سيف الملوڪ پارٽي جو اثاثو آهي، مريم صفدر جي والد جو سرمايو چور، ڦورو ۽ قبضه مافيا ئي ٿي سگهن ٿا. شهباز گل جو چوڻ هو ته حڪومت هڪ ارب کان وڌيڪ جي سرڪاري ملڪيت خالي ڪرائي. ان سرڪاري زمين تي غريبن جا گهر ٺاهينداسين. ڪرپٽ ۽ چور لنڊن ۾ کير جي ملائي کائي لڪي ويٺا آهن.

ٿاڻا ۽ ڪچهريون نئين ڳالهه ناهي. ڪيسن کي منهن ڏينداسين. هن چيو ته ساهيوال جي زرعي زمين ۾ ڪول پاور پلانٽ لڳايو ويو، دنيا ۾ ڪول پاور پلانٽ ختم ٿي ويا. ڪوئلي سان سڌو سنئون ڪٿي به بجلي نٿي ٺاهي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔