اسان جي دور ۾ ڪا به ڪرپشن نه ٿي هئي، رڳو ڪم ٿيندو هو:خواجا سعد رفيق

لاهور: مسلم ليگ نواز جي اڳواڻ خواجا سعد رفيق جو چوڻ آهي ته اسان  جي دور ۾ ڪا به ڪرپشن نه ٿي هئي، رڳو ڪم ٿيندو هو، هن حڪومت ۾ رڳو ڳالهيون ٿي رهيون آهن ڪم نه پيو ٿئي. خواجا سعد رفيق پنجاب اسيمبلي جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وزير اعظم عمران خان مخالف ڌر جي خلاف ٽرانپيرنسي رپورٽ جو راڳ آلاپيندو رهيو آهي، حڪومت ڏاڍي محنت ڪري قبضو ڪري نواز ليگ جي ماڻهن جا نالا لکيا آهن، سڀ کان وڏو قبضه گروپ پي ٽي آءِ آهي. هن چيو ته خانگي يونيورسٽي جي شاگردن تي رياستي تشدد جو سلسلو بند ڪيو وڃي. خانگي يونيورسٽي جي شاگردن جي جائز مطالبن کي مڃيو وڃي، خانگي يونيورسٽي جي شاگردن جي مسئلي حل ڪيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته پنجاب اسيمبلي حڪومت ۽ مخالف ڌر ميمبرن تي ٻڌل ڪميٽي بڻائي وڃي، گرفتار شاگردن کي به فوري طور تي آزاد ڪرڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔