ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ واڌ، ملير 15 پل ويجهو فائرنگ سبب مبينا ڦورو مارجي ويو

ڪراچي : ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ واڌ اچي وئي، ملير 15 پل ويجهو فائرنگ سان مبينا ڦورو مارجي ويو، پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته مارجي ويل ڦورو اڳوڻو پوليس اهلڪار هو، جنهن کي 2 سال اڳ ڪرپشن جَي الزامن ۾ برطرف ڪيو ويو هو، نارٿ ناظم آباد ۾ ڦر جي وارداتن ۾ ناري به ملوث هجڻ جو انڪشاف، ڦر جي واردات جا سي سي ٽي وي فٽيجز منظرعام تي اچي ويا، فٽيجز ۾ نظر اچي رهيو آهي ته هڪ گهر ٻاهران بيٺل شهري کان ڦر جي ڪوشش ڪئي وئي، ٻن موٽر سائيڪل تي سوار ٽن ڦورن ۾ هڪ ناري به شامل آهي، موٽر سائيڪل تان لهندي ئي پستول تاڻيندڙ ڦورو ناري هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔