ملڪ ۾ وڌيڪ 2179 ماڻهو ڪورونا جو شڪار،65 مريض فوت

اسلام آباد: سڄي ملڪ ۾ وڌيڪ 2 هزار 79 ماڻهن ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي جڏهن ته 65 ماڻهو هن مرض ۾ پنهنجي جان وڃائي ويٺا آهن.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جون41 هزار 435 ٽيسٽ ڪيا ويا، اهڙِي ريت ملڪ ۾ مريضن ۾ اهو مرض جاچڻ لاءِ ٽيسٽن جو مجموعي انگ 78 لک 89 هزار741 ٿي ويو آهي.

گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌي 2 هزار 179 ماڻهن ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ ٿي آهي ،جنهن کانپوءِ وائرس جي ڪورونا جي تصديق ٿيل مجموعي ڪيسن جو انگ 5 لک 43 هزار 214 ٿي ويو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔