سينيٽ چونڊون: اوپن ووٽنگ ترميمي بل بدنيتي تي ٻڌل آهي: شيري رحمان

اسلام آباد: پ پ اڳواڻ سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته سينيٽ چونڊن ۾ اوپن ووٽنگ ترميمي بل رد هوندو.

پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شيري رحمان صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته حڪومت جو ترميمي بل جلد بازي ۽ بدنيتي تي ٻڌل آهي جڏهن ته حڪومتي بل تحريڪ انصاف جي ذاتي مفاد تي ٻڌل آهي. هن چيو ته اوپن ووٽنگ بابت صدارتي ريفرنس سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي پر فيصلي کان اڳ حڪومت کي ترميمي بل پيش ڪرڻ جي ضرورت ڇو پئي؟ ڪجهه ڏينهن اڳ ترميم پيش ڪرڻ حڪومت جي بوکلاهٽ جو ثبوت آهي.

شيري رحمان چيو ته چونڊ اصلاحون هڪ بل ۽  هڪ ترميم سان نٿيون ٿي سگهن. وزيراعظم ٻين تي سينيٽ چونڊون چوري ڪرڻ جو الزام لڳائيندو آهي جڏهن ته صوبائي اسيمبلي ميمبرن جا ريٽ ڪنهن ٻئي نه پر پاڻ وزيراعظم لڳايا آهن.

هن چيو ته وزيراعظم عمران خان کي پنهنجي پارليامينٽ ميمبرن تي اعتماد نه آهي ۽ وزيراعظم پنهنجي ميمبرن کي ترقياتي بجيٽ نه پر رشوت ڏني آهي.

پ پ اڳواڻ چيو ته وزيراعظم سينيٽ چونڊون چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر سينيٽ چونڊون وزيراعظم جي خواهش موجب نه پر آئين موجب ٿينديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔