سنڌ ۾ مئٽرڪ ۽ انٽر جي امتحانن جي تاريخ جو اعلان

ڪراچي:تعليم کاتي سنڌ پاران پهرين جولاءِ کان بورڊ جا امتحان شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي .

تعليم واري صوبائي وزير سعيد غني جي صدارت هيٺ اسٽيئرنگ ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو ،جنهن ۾ سنڌ ۾ پهرين فيبروري کان ايس او پيز تحت اسڪول کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سڄي صوبي ۾ نائين ۽ ڏهين درجي جا امتحان پهرين جولاءِ کان شروع ٿيندا جڏهن ته يارهين ۽ ٻارهين درجي جا امتحان 28 جولاءِ کان شروع ٿيندا .

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته مڙني بورڊ جي امتحانن جا نتيجا 90 ڏينهن ۾ تيار ڪيا ويندا ۽ امتحانن دوران ايس او پيز جو خاص خيال رکيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔