براڊ شيٽ اسڪينڊل جِي جاچ لاءِ رٽائرڊ جسٽس عظمت سعيد تي ٻڌل هڪ رُڪني ڪميشن جو نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد: وفاقي سرڪار براڊ شيٽ اسڪينڊل جِي جاچ لاءِ رٽائرڊ جسٽس عظمت سعيد تي ٻڌل هڪ رُڪني ڪميشن جو نوٽيفڪيشن جاري ڇڏيو، نوٽيفڪيشن ۾ جاچ ڪميشن جا ٽي او آرز به جاري، وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي ڪابينا ڊويزن طرفان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، ٽي او آرز موجب جاچ ڪميشن کي آفيسرز ۽ ماهرن تي ٻڌل ڪميٽيز جوڙڻ جو اختيار هوندو، ڪميشن 2003ع ۾ براڊ شيٽ ۽ انٽرنيشنل ايسٽ رِيڪورِي فرمز سان معاهدا ختم ٿيڻ جا ڪارڻ معلوم ڪندي، ڪميشن سال 2008ع ۾ پاڪستان طرفان براڊ شيٽ کي ادائگين  جَي سببَن ۽ اثرن جِي نشاندهي به ڪندي، ٽي او آرز ۾ ڪميشن کي براڊ شيٽ ۽ آءِ اي آر ۾ مقررين توڙي معاهدن جي جاچ جي به ذميواري ڏني وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔