پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو آمريڪي هم منصب سان فون تي رابطو

اسلام آباد: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان ٽيليفون تي ڳالهين ۾ آمريڪي پرڏيهي وزير ڊينئل پرل ڪيس ۾ جوابدارن جي بريت جي فيصلي تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ۽ جوابدارن جي سزائن کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو.

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته انصاف جي فراهمي لاءِ قانوني گهرجن جي مڪمل پاسداري ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي.

پرڏيهي وزير پنهنجي آمريڪي هم منصب کي ان حوالي سان کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو ٻئي طرف آمريڪي پرڏيهي وزارت جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته ڊينئل پرل ڪيس جي جوابدار احمد عمر شيخ تي آمريڪا ۾ ڪيس هلائڻ لاءِ تيار آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔