سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مختلف روڊ حادثن ۾ 10 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا

ڪراچي ؛ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مختلف روڊ حادثن ۾ 10 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا، کاڻوٺ ڀرسان ٽرڪ ۽ ڪار وچ ۾ زوردار ٽڪر سبب 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، هڪ زخمي ٿي پيو، کاڻوٺ ڀرسان تيز رفتار  ڪوچ پينو فقير کي  چيڀاٽي ماري ڇڏيو، ڪاٺوڙ لڳ سپر هاءِ وي تي ٻن ٽرالرن ۾ زوردار ٽڪر سبب2 ڄڻا فوت ٿي ويا، هڪ زخمي ٿي پيو،  جھول ويجهو سانگهڙ روڊ  تي تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو، جڏهن ته مٺياڻي ۾ حادثي ۾ هڪ فرزانه شاهه ناري فوت ٿي وئي، هڪ ناري ساجده شاهه زخمي ٿي پئي، ملير جي هڪ نجي اسڪول ۾ ڊوڙ دوران شاگرد ڌڪ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔