سنڌ صوبي بابت وزيراعطم جَي بيان جو مقصد هو ته سنڌ ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت ناهي: وفاقي وزير شفقت محمود

سکر : سنڌ پاڪستان جو حصو آهي ۽ اسان سڀ سنڌ سان محبت ڪريون ٿا، وزيراعطم جَي بيان جو مقصد هو ته سنڌ ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت ناهي، وفاقي وزير شفقت محمود جو وزيراعظم عمران خان جي سنڌ بابت ڏنل بيان بابت سوال جو جواب ڏنو

شفقت محمود چيو ته ڪورونا ۽ لاڪ ڊائون ۾ تعليم جو وڏو نقصان ٿيو آهي، هاڻي تعليمي ادارا کولڻ جو وقت اچي ويو، پهرين فيبروري کان سمورا تعليمي ادارا کوليا ويندا، اڳوڻن حڪمرانن طرفان ذاتي مفادن کي اهميت ڏيڻ سبب پاڪستان ۾ ڪرپشن وڌي وئي، ملڪي ناڻو لٽيندرن جو احتساب ضرور ٿيندو،

سکر جي انتظاميا معصوم شاهه جي مينار تي وفاقي وزير شفقت محمود جي دوري دوران دڪان بند ڪرائي ڇڏيا، دڪاندارن کي ڪاروبار کولڻ لاءِ وفاقي وزير جو دورو پورو ٿيڻ جو انتظار ڪرڻو پيو، دڪاندارن جو چوڻ آهي ته انتظاميا هدايت ڪئي ته وفاقي وزير جي دوري بعد دڪان کوليا وڃن.

وفاقي وزير شفقت محمود جو چوڻ هو ته کيس دڪان بند ڪرائڻ جي ڪابه خبر نه آهي، مون انتظاميا کي رڳو ايترو ٻڌايو ته معصوم شاهه جو مينار گهمڻو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔