نواز ليگ قبضا مافيا آهي، قبضي خورن خلاف آپريشن جاري رهندو: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نواز ليگ قبضا مافيا آهي ۽ قبضا مافيا خلاف آپريشن جاري رهندو، اسلام آباد ۾ وزيراعظم جي صدارت ۾ حڪومتي ترجمانن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزير ۽ حڪومتي ترجمان شريڪ ٿيا، اجلاس ۾ ملڪي معيشت ۽ سياسي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو، وزيراعظم کي قومي سطح جي مختلف مامرن سوڌو اوقاف کاتي طرفان قبضه مافيا تي بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم چيو ته اسان چاهيون ٿا سينيٽ چونڊون شفاف ٿين ۽ اسان ئي سينيٽ چونڊن ۾ فتح حاصل ڪنداسين. ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل 2017 ۽ 18 جا انگ اکر حاصل ڪيا، رپورٽ جو اُردو ۾ ترجمو ٿيندو ته سڀ ڪجهه واضح ٿي ويندو، ڪير به قانون کان مٿانهون ناهي، وزير اعظم پنجاب ۾ قبضي مافيا خلاف آپريشن تي صوبائي حڪومت کي شاباس ڏيندي چيو آهي ته نواز ليگ قبضا مافيا آهي ۽ جيڪا مافياز جي سرپرستي ڪري رهي آهي، وزير اعظم چيو ته براڊ شيٽ مامري جي جاچ کان روڪڻ لاءِ جسٽس رٽائرڊ عظمت سعيد جي ڪردار ڪشي ڪئي پئي وڃي، حڪومت سينيٽ چونڊون صاف ۽ شفاف ڪرائڻ چاهي ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔