فضل الرحمان فارن فنڊنگ وٺندو رهيو آهي کيس جواب ڏيڻو پوندو: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان  فارن فنڊنگ وٺندو رهيو آهي کيس جواب ڏيڻو پوندو.

رپورٽ موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ حڪومتي اڳواڻن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ سينيٽ چونڊن بابت به صلاح مشورا ڪيا ويا. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل، براڊ شيٽ ۽ اوقاف کاتي جي زمينن تي قبضن بابت بريفنگ ڏني وئي.

ملڪ ۾ اوقاف جي زمينن تي قبضو ڪندڙ ماڻهن جي خلاف آپريشن شروع ڪرڻ جون هدايتون ڏيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته قبضه مافيا کي نه ڇڏينداسين(ن) ليگ جي قيادت لاهور جي قبضه مافيا جي حمايت ۾ کلي سامهون اچي وئي آهي. وزيراعظم چيو ته جسٽس(ر) عظمت سعيد معزز ۽ سٺي شهرت رکندڙ جج آهي ۽ اهوئي براڊ شيٽ جي جاچ ڪندو.

مولانا فضل الرحمان ٻاهران فنڊنگ وٺندو رهيو آهي کيس ان بابت جواب ڏيڻو پوندو. ڪوبه قانون کان مٿانهون ناهي. هر ڪنهن کي جواب ڏيڻو پوندو. سياست عبادت آهي. ظالمن ۽ چورن سان بيهڻ جو نالو ناهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته سينيٽ چونڊن ۾ به شفافيت يقيني بنائينداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔