اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز کي وڌيڪ ٻن عهدن سان نوازيو ويو

اسلام آباد: چيئرمين نيشنل ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي(اين ڊي ايم اي) ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز کي وڌيڪ ٻن عهدن سان نوازي ڇڏيو آهي.

سرڪاري اختيارين موجب ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز اين ڊي ايم جي چيئرمين جي طور تي خدمتون نڀائي رهيو آهي ۽ وفاقي حڪومت پاران  چيئرمين ايرا جو عهدو خالي هجڻ تي نئين مقرري جي بجاءِ جنرل اختر نواز کي واڌو چارج ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

اختيارين جو ان حوالي سان وڌيڪ چوڻ آهي ته ايرا جي ڊپٽي چيئرمين جو عهدو به خالي آهي. جنهن جي واڌو چارج به ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز جي حوالي ڪئي وئي آهي. وفاقي حڪومت جي حڪمن تي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔