لانگ مارچ تي اتفاق آهي، استعيفائن تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي: مريم نواز

لاهور: نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته حڪومت جي ڪرپشن جا اسڪينڊل سامهون اچي رهيا آهن، هڪ ڏينهن سڀ ڪجهه واضح ٿي ويندو، نواز ليگ جي ٻين ميمبرز جيان کوکر ڀائرن کي به دٻاءُ ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، نواز ليگ ڇڏڻ لاءِ سندن مٿان دٻاءُ وڌو ويو آهي، پارٽي قيادت جو ساٿ ڇڏڻ کان انڪار ڪيو ته کين انتقام جو نشانو بڻايو ويو آهي،

ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته پي ٽي آءِ ون مين شو پارٽي آهي، جڏهن اُهو انسان ڪمزور ٿيندو هي پارٽي وکري ويندي. هو ڪمزور ٿيندي نظر اچي ٿو، عمران خان نواز ليگ بدران پنهنجي پارٽي تي ڌيان ڏئي، 15 20 ميمبرز پنهنجي ئي پارٽي تي بي اعتمادي جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي، سينيٽ چونڊن ۾ پي ٽي آءِ جي ڪو به اليڪشن وٺڻ لاءِ تيار نه هوندو، جڏهن هنن جا وزير ۽ اڳواڻ عوام آڏو ويندا آهن ته عوامي رد عمل جو منهن ڏسڻُ پوندو آهي،

نواز ليگ کي ڇڏي ڏيو، عمران خان وارن کي تاريخي ناڪامي ۽ شرمندگي جو منهن ڏسڻُ پيو آهي،حڪومت جي خواهش دم ٽوڙيندي نظر اچي رهي آهي، پي ڊي ايم 10 جماعتن تي ٻڌل اتحاد آهي، هر جماعت جو پنهنجو منشور ۽ سوچ آهي، نظريو آهي، ايجنڊا آهي،اختلاف ڪوبه نه آهي، سوچ ۽ راءِ جو اختلاف آهي ته اُن کي سٺي نموني بحث ڪري حل ڪري وٺندا آهيون، سوالن جا جواب ڏيندي هُن چيو ته  حڪومت جي ڪا به ناڪام خواهش پوري نه ٿيندي، ڄار وڏا سوراخ ٿي ويا آهن، جنهن کي هي ڦاسائڻ گهرن ٿا ته اُڻ ۾ پاڻ ڦاسي پوندا آهن،

جسٽس عظمت سعيد کي ڪير نٿو ڄاڻي، سپريم ڪورٽ جي جج هجڻ دوران هُن ڪيتري نيڪ نامي ڪئي هئي، ذاتي طور اثرانداز ٿي جي آءِ ٽي ٺهرائي، اڄ تائين اُن جي واٽس ايپ زده جي آءِ ٽي سڏيو ويندو آهي، هُن ذاتي طور ادارن کي واٽس ايپ ڪال ڪري جي آءِ ٽي ميمبرز جا نالا شامل ڪيا، چونڊيل وزيراعظم خلاف سازش هئي، اُن ۾ عظمت سعيد وڏو حصو ۽ ڪرتا ڌرتا هو، براڊ شيٽ واري معاملي ۾ نيب جو آفيسر هو، جيڪي پاڪستان جا اربين رُپيا فراد جي نظر ڪيا ويا، فاروق اعظم جو بان سامهون اچي ويو آهي ته هڪ ارب ڊالرز جو الزام نواز شريف تي کل جوڳي آهي،

نواز شريف کي بدنام ڪرڻ لاءِ نئون اسڪينڊل کولڻ جي ڪوشش ڪئي پر پنهنجي ئي ڳچي ۾ پئجي ويو، حقيقتون سامهون اچن ها ته نواز شريف کي آجو قرار ڏنو ويو آهي، پنهنجي الزامن کي ڪوڙو ثابت ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ايڏي وڏي رقم برباد ڪري ڇڏي، نه رڳو برباد ڪري ڇڏي پر حڪومت جا وڏا آفيسرز ريسٽورنٽس ۾ ويهي موسوي کان ڪميشنز گهري رهيا هئا، انهن شين جو توهان کي حساب ڏيڻو پوندو، حڪمرانن کي پاڪستان ۾ بدنام ڪرڻ ڪاب ڪسر ناهي ڇڏي،

هن چيو ته جسٽس عظمت عزت سان ڪميشن کان ڌار ٿيڻ گهرجي، ٻي صورت پاڪستان جي عوام آڏو ٻيون حقيقتون نه پئي آڻي سگهيانسين، اُهي آڻينداسين، ڪيئن عظمت سعيد ذاتي طور نواز ليگ جي حڪومت ۾ آفيسرز کي خوف ۾ آندو ۽ ڌمڪائڻ جي ڪوشش ڪئي، اُهي قوم آڏو شيون آڻڻيون پونديون،  بلاول ڀٽو جي بي اعتمادي رٿ جو بيان ٻڌو آهي، هُڻ چيو ته پي ڊي ايم قيادت مڃائينداسين، بلاول وٽ نمبرز آهن ته ضرور شيئر ڪري، اسان کي پي ڊي ايم اجلاس جو انتظار ڪرڻو پوندو، پي ڊي ايم آڏو تجويز رکندو ته اُن تي بحث ٿيندو، سموريون جماعتون فيصلو ڪنديو اُهو سڀني اڳيان ايندو، لانگ مارچ تي اتفاق آهي، پيپلز پارٽي بي اعتمادي رٿ تي ڳالهائينداسين، لانگ مارچ تي به بحث ٿيندو، استعفيٰ جي ٽائمنگ تي به بحث ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔