بختاور ڀٽو جي ميندي تقريب، بلاول هائوس سينگارجي ويو

ڪراچي: اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ اڳوڻي وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو جي نياڻي بختاور ڀٽو زرداري جي ميندي جي تقريب ٿي گذري. بختاور ڀٽو جي شادي جي سلسلي ۾ بلاول هائوس ڪراچي سينگارجي ويو، ميندي جي رسم ۾ ڪٽنب جي ماڻهن شرڪت ڪئي. ان کان اڳ بختاور ڀٽو زرداري پنهنجي انسٽاگرام تي اسٽوري شيئر ڪئي، جنهن ۾ هوءَ هٿن تي ميندي لڳائي رهي آهي. بلاول ڀٽو زرداري مبارڪباد ڏيڻ تي ٿورو مڃيندي چيو ته ڪورونا کي نظر ۾ رکندي تقريبن ۾ گهٽ مهمانن کي دعوت ڏني وئي آهي، افسوس آهي ته ايس او پيز سبب گهڻن معزز ماڻهن کي دعوت ناهي ڏني. هن اعلان ڪيو ته اسلام آباد، لاهور ۽ لاڙڪاڻي ۾ به تقريبون ڪوٺايون وينديون، جن ۾ معزز دوست ۽ پ پ جي ڪٽنب جا ماڻهو به شريڪ ٿيندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔