وزيراعظم جي صدارت هيٺ پي ٽي آءِ ۽ اتحادي جماعتن جي پارلياماني پارٽيزجو اجلاس

اسلام آباد : وزيراعظم جي صدارت هيٺ پي ٽي آءِ ۽ اتحادي جماعتن جي پارلياماني پارٽيز جي اجلاس دوران ميمبرز طرفان گورنر سنڌ عمران اسماعيل، پي ٽي آءِ ڪراچي جي صدر ۽ ناڻي کاتي مٿان ڪاوڙ جو اظهار، پارٽي اڳواڻ نور عالم وفاقي وزيرن جي احتساب جو به مطالبو ڪري ڇڏيو، اجلاس دوران نور عالم چيو ته آئون احتساب جي عمل کي منهن ڏئي چڪو آهيان، سمورن وزيرن جو احتساب ٿيڻ گهرجي، وزيراعظم جا صلاحڪار رڳو سبز باغ ڏيکاري رهيا آهن، ٽيڪنوڪريٽ پاڻ تي هليا ويندا، پر اسان ذليل ٿينداسين، اجلاس ۾ نجيب هارون چيو ته ڪراچي ۾ ڪوبه ڪم نه پيو ٿئي، رڳو ڪوڙ ڳالهايو پيو وڃي، ڪي فور منصوبو مڪمل نه ٿيندو ۽ نه ئي ڪراچي جا نالا صاف ٿيندا، ميمبرز جي تنقيد ۽ شڪايت تي حفيظ شيخ طرفان حڪومتي قرضن بابت بريفنگ ڏني وئي، اجلاس ۾ نزهت پٺاڻ ۽ لال مالهي طرفان پي ٽي آءِ جي سنڌ ۾ تنظيم سازي تي به ڇتي تنقيد، راجا رياض جهانگير ترين جي حمايت ڪندي چيو ته جهانگير ترين کي پارٽي جي خدمت عيوض سينيٽ چونڊن بابت پنجاب جِي ڪميٽي جو سربراهه بڻايو وڃي، چوڌري سرور، شاهه محمود قريشي، عامر ڪياني ۽ اعجاز چوڌري کي به ڪميٽي جو حصو بڻايو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔